ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ 10 هزار رپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 10 هزار رپيا واڌ سبب في تولي سون جي قيمت 5 لک 50 هزار 562 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 8 هزار 574 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 47 هزار 18 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 100 ڊالر وڌڻ سان 5278 ڊالر في اونس آهي.
You might also like