وچ اوڀر ڇڪتاڻ: پاڪستان ۾ تيل ذخيرن بابت اوگرا جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا طرفان پاڪستان ۾ تيل ذخيرن جي صورتحال واضح ڪئي وئي آهي.
اوگرا ذريعن موجب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا ذخيرا ضرورت موجب موجود آهن، پاڪستان ۾ 28 ڏينهن کان وڌيڪ جا پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا موجود آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان گهڻو تيل وچ اوڀر کان درآمد ڪندو آهي، پاڪستان قطر کان ماهوار 8 ايل اين جي ڪارگوز به درآمد ڪري رهيو آهي.
اوگرا اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون 21 ڏينهن جا ذخيرا رکڻ جون پابند آهن
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سان تيل جي پهچ متاثر ٿيڻ بابت اوگرا چيو ته في الحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي.
واضح رهي ته ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل حملو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ايران طرفان به جوابي حملا ڪيا ويا آهن.
خطي ۾ جنگ سبب تيل سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب تيل اگهه وڌڻ جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.