واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طالبان رجيم خلاف پاڪستان جي دفاع جي حق جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ سياسي معاملن جي سيڪريٽري ايليسين هوڪر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته آمريڪا افغان طالبان جي حملن خلاف پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته ان جي پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ٽيليفونڪ گفتگو ٿي، جنهن ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
سندس موجب آمريڪا صورتحال کي ويجهي کان مانيٽر ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي طالبان طرفان حملن خلاف پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ – افغان جنگ تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان سٺو ڪري رهيو آهي ۽ اسان مداخلت نه ڪنداسين.
You might also like