چنائي (ويب ڊيسڪ)تامل فلمن جي ناليواري اداڪار ۽ سياسي جماعت ٽي وي ڪي (تاملاگا ويٽري خزاگم) جي سربراهه جوزف وجئه چندرا شيکر عرف ٿلاپٿي وجئه جي گهرواري سنگيتا طلاق جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سنگيتا مقامي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ 48 ورهين جي سنگيتا موقف اختيار ڪيو آهي ته شادي پهريون ڀيرو 10 جولاءِ 1998 تي برطانيا ۾ رجسٽرڊ ٿي هئي ۽ پوءِ هندو ريتي رسمن موجب چنائي ۾ 25 آگسٽ 1999 تي راجا مٿيا مندرم ٻيهر رسمي شادي ڪئي وئي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته شادي جا شروعاتي سال خوشگوار ۽ هم آهنگي سان گذريا، جڏهن ته اپريل 2021 ۾ وجئه جي هڪ اداڪارا سان غير ازدواجي لاڳاپن جو پتو پيو، جنهن سبب کيس گهري جذباتي تڪليف ۽ ذهني اذيت مان گذرڻو پيو، جيڪا دوکي بازي ۽ ازدواجي اعتماد جي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وجئه طرفان ڄاڻايل اداڪارا سان رشتي جي خاتمي جي خاطري باوجود هو ساڻس لاڳاپا برقرار رکيا.