تهران/واشنگٽن/تل ابيب/لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي راڄڌاني تهران تي فضائي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل تي وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بحرين، قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي گڏيل حملو ڪيو آهي، حملي ۾ آمريڪي هوائي فوج حصو ورتو، حملي کانپوءِ تهران ۾ 3 شديد ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
ايران جي بو شهر تي به اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن جون خبرون سامهون آيون آهن، جڏهن ته حملن کانپوءِ ايراني نيوي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ لڳ ڀڳ 20 آمريڪي ۽ اسرائيلي فائٽر جيٽس شامي علائقي دارا جي مٿان اُڏامندي ايران ڏانهن وڃي رهيا آهن.
پاسدارانِ انقلاب هٿيار ڦٽا ڪري يا صورت ۾ يقيني موت لاءِ تيار رهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي فوجن ايران خلاف وڏو آپريشن ”ايپڪ فيوري“ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران ڏهاڪن کان ”آمريڪا مرده باد“ جا نعرا هڻندو رهيو آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي مفادن تي حملن جو ذميوار به ايران آهي.
هن چيو ته اسان ايران جي نيوي کي مڪمل تباهه ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن آپريشن ۾ آمريڪي فوجين جون جانيون به وڃي سگهن ٿيون، پر ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ ايراني ميزائل پروگرام کي مٽائي ڇڏينداسين.
ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاسدارانِ انقلاب جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪري ته مڪمل ڇوٽ ملندي، ٻي صورت ۾ يقيني موت کي منهن ڏيڻو پوندو، ايران سالن کان آمريڪي هدفن تي حملو ڪندو رهيو آهي، آمريڪا ڪنهن انتهاپسند حڪومت کي وڌڻ نه ڏيندو.
ٻئي پاسي اسرائيلي دفاعي اهلڪار چيو آهي ته انهن حملن جي رٿابندي ڪيئي مهينن کان جاري هئي ۽ تاريخ جو فيصلو به ڪيئي هفتا اڳ ڪيو ويو.
ايران تي حملا جاري رهندا: اسرائيلي اختياريون
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ هو ته حملا آمريڪا سان گڏجي ڪيا ويا آهن، هي اڳواٽ حملا آهن جن جو مقصد ايران طرفان فوري خطري کي گهٽائڻ آهي، چئن ڏينهن تائين شديد حملا جاري رهندا، جنهن کانپوءِ تهران جي صورتحال تبديل ٿي ويندي.
ٻئي پاسي روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هي فضائي حملو اسرائيل طرفان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي فوجي ڪمانڊر مارجي ويا آهن، حملي ۾ انٽيليجنس هيڊڪوارٽر کي به نشانو بڻايو ويو.
ايراني ميڊيا موجب، يونيورسٽي اسٽريٽ ۽ جمهوري علائقي ۾ ڪيترائي ميزائل ڪيرايا ويا، ان کان علاوه قُم، خرم آباد ۽ اصفهان ۾ به حملا ڪيا ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب مهرآباد ايئرپورٽ کي به نشانو بڻائڻ جا اطلاع آهن.
ايراني سپريم ليڊر محفوظ هنڌ منتقل
ذريعن موجب، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي هن وقت تهران ۾ موجود ناهي ۽ کيس محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ايران پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عراق به ايئر ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي آهي.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته هي حملن جي پهرين لهر آهي، جڏهن ته ٻي لهر متوقع آهي.
اسرائيلي حملن ۾ ايراني صدر کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش
اسرائيلي اختيارين موجب، حملن ۾ ڪيترن اهم هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ سڌ سماءُ وارو وزير ۽ ايوانِ صدر به شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيل به پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، حملن ۾ ايراني صدر کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ايران ۾ حملن کانپوءِ اسرائيل ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت اسڪول بند ڪيا ويا ۽ شهرين کي محفوظ هنڌن تي رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
ايران جا اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل حملا، خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي تصديق
ايراني اختيارين تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل تي وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بحرين، قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايران قطر ۾ العديد ايئربيس ۽ ڪويت ۾ السليم ايئربيس کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران يو اي اي ۾ الدفرا ايئربيس ۽ بحرين ۾ بحري ايئربيس کي نشانو بڻائڻ جي به تصديق ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني ميزائل حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته يو اي اي ڪيترن ئي ايراني ميزائلن کي روڪي ڇڏيو.
گڏيل عرب امارتن جو چوڻ آهي ته هي حملو قومي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانون جي کُليل ڀڃڪڙي آهي۽ هن جارحيت جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿو.
سيڪيورٽي صورتحال سبب گڏيل عرب امارتن جون هوائي حدون حدون عارضي طور جزوي بند ڪيون ويون، اختيارين موجب اهو فيصلو اُڏامن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو.
اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايئرلائنز متاثر مسافرن کي رهائش ۽ سهولتون فراهم ڪنديون، عوام رڳو سرڪاري ذريعن وٽان ڄاڻ حاصل ڪري.
ايران تي حملي ۾ برطانيا شامل نه هو
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڇنڇر ڏينهن اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن جي جواب ۾، هڪ برطانوي حڪومت جي ترجمان چيو ته هو ”ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌندي ۽ ان کي وڏي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿيندي نٿا ڏسڻ چاهين ٿا.“
برطانوي حڪومت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ”اسان جي فوري ترجيح خطي ۾ برطانوي شهرين جي حفاظت آهي ۽ اسان کين قونصلر سروس فراهم ڪنداسين جيڪا هفتي جا ست ئي ڏينهن 24 ڪلاڪ دستياب هوندي.“
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر مان اميد آهي ته هو ڇنڇر تي حڪومت جي هنگامي ڪميٽي ”ڪوبرا“ جو اجلاس طلب ڪندو.