اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو افغان طالبان رجيم خلاف آپريشن عضب للحق جاري آهي ۽ افغان طالبان رجيم کي پاڪستان هٿان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي.
اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ طرفان 28 فيبروري تي صبح 9 وڳي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي افغانستان ۾ 37 جاين تي اثرائتي فضائي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ افغان رجيم جا 331 طالبان مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هن ٻڌايو ته افغان طالبان جون 104 پوسٽون مڪمل طور تباهه، جڏهن ته 22 چيڪ پوسٽن تي پاڪ فوج مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، 163 ٽينڪون ۽ هٿياربند گاڏيون تباهه ڪيون ويون، آپريشن هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.
You might also like