آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ ايران جا آمريڪي اڏن تي جوابي حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي جي جواب ۾ ايران قطر، ڪويت، بحرين ۽ يو اي اي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو آهي.
ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ سڄي خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ايران طرفان مختلف عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
ايران بحرين، قطر، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته سعودي عرب جي شهر رياض ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا، دبئي جي علائقي مارينا ۾ به ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا آهن.
ايران قطر ۾ العديد ايئربيس ۽ ڪويت ۾ السليم ايئربيس کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران يو اي اي ۾ الدفرا ايئربيس ۽ بحرين ۾ بحري ايئربيس کي نشانو بڻائڻ جي به تصديق ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني ميزائل حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته يو اي اي ڪيترن ئي ايراني ميزائلن کي روڪي ڇڏيو.
گڏيل عرب امارتن جو چوڻ آهي ته هي حملو قومي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانون جي کُليل ڀڃڪڙي آهي۽ هن جارحيت جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿو.
سيڪيورٽي صورتحال سبب گڏيل عرب امارتن جون هوائي حدون حدون عارضي طور جزوي بند ڪيون ويون، اختيارين موجب اهو فيصلو اُڏامن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو.
اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايئرلائنز متاثر مسافرن کي رهائش ۽ سهولتون فراهم ڪنديون، عوام رڳو سرڪاري ذريعن وٽان ڄاڻ حاصل ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.