بيت المقدس(ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو پاڪستان ۽ افغانستان جي طالبان حڪومت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي بيان سامهون آيو آهي.
حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن کان صبر ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڳولڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام کي جيڪي جوڙيندڙ عنصر آهن، اهي ڪنهن به عارضي اختلاف کان وڌيڪ اهم آهن، ان ڪري ڌرين کي گهرجي ته هو ڳالهين جو رستو اختيار ڪن، قومي مفادن کي اوليت ڏين ۽ اختلاف ختم ڪري امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۽ انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائن.
حماس جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن صيهوني رياست غزا ۾ پنهنجي ڏوهن کانپوءِ عالمي اڪيلائي جي خاتمي لاءِ نوان اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، امت کي اتحاد ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي، تنهنڪري موجوده صورتحال ۾ اسلامي ملڪ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏين.
You might also like