ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: سريلنڪا جو اهم رانديگر پاڪستان خلاف ميچ مان ٻاهر

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ميزبان سريلنڪا کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي.
سريلنڪن بيٽر ڪوشال مينڊس هيمسٽرنگ انجري سبب پاڪستان خلاف ميچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، کيس 4 هفتن تائين آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ سريلنڪا جو اهم اسپنر ونندو هسارنگا به انجري سبب ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.
مينڊس کي مبينا طور نيوزيلينڊ خلاف ميچ کان اڳ کيڏڻ لاءِ ڪليئر قرار ڏنو ويو هو ۽ دير سان فٽنس ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو ان ميچ ۾ شامل ٿيو.
سندس غير موجودگي سريلنڪن ٽيم پنهنجي بيٽنگ لائن اپ ۾ تبديليون ڪرڻ تي مجبور ٿيندي، اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪامل مشرا وڪٽ ڪيپنگ جا فرض انجام ڏيندو.
ان کانسواءِ اهو به امڪان آهي ته مينڊس ورلڊ ڪپ کانپوءِ افغانستان خلاف سيريز ۾ به حصو نه وٺي سگهندو.
واضح رهي ته سريلنڪا اڳ ئي سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان خلاف ان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مهم آخري ميچ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.