ڏهن رپين وارو نوٽ ختم ڪرڻ تي غور، ڪيتري بچت ٿيندي؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا 10 رپين واري نوٽ جي جاءِ تي سِڪو متعارف ڪرائڻ بابت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي قومي ناڻي کي 40 کان 50 ارب رپين تائين ممڪن بچت جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏنو هو ۽ هدايت ڪئي هئي ته سفارشون تيار ڪيون وڃن ته 10 رپين وارو بئنڪ نوٽ ختم ڪيو وڃي يا نه.
ذريعن موجب، ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي ڪرنسي مئنيجمينٽ رپورٽ ڪابينا ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن مطابق 10 رپين وارو سڪو متعارف ڪرائڻ سان حڪومت کي 40 کان 50 ارب رپين تائين ممڪن بچت ٿيندي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن جي قانونن تحت ڪرنسي مئنيجمينٽ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.
انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽس (آءِ سِي ايم اَي ) جي رپورٽ موجب 10 رپين واري نوٽ جي سراسري عمر رڳو 6 کان 9 مهينا آهي، جڏهن ته 10 رپين جي سِڪي جي سراسري عمر 20 کان 30 سال آهي، ملڪ ۾ هر سال ڇپجندڙ مجموعي نوٽن جو لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو حصو 10 رپين جي نوٽ تي ٻڌل آهي.
رپورٽ موجب، 10 رپين وارو سڪو متعارف ڪرائڻ سان 10 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 کان 50 ارب رپين جي بچت ٿيندي، جڏهن ته 10 رپين جو نوٽ ختم ڪيو ويندو يا نه؟ ان بابت حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.