ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رمضان مهيني دوران هي ويڙهه ڏکوئيندڙ آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن تڪرار دوران ٻنهي پاسي ٿيندڙ جاني نقصان افسوس جوڳو آهي.
انور ابراهيم چيو ته ”مون کي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهري ڳڻتي آهي، جڏهن ته ويجهڙ ۾ سرحد پار فوجي آپريشنز ۽ ٻن پاڙيسري مسلم ملڪن وچ ۾ کليل تڪرارن جا اعلان سامهون آيا آهن.“
هن چيو ته ملائيشيا پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي تي زور ڏئي ٿو ته وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن ۽ سمورا فوجي آپريشن فوري طور بند ڪيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا جائز سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا وڃن، اهڙي طرح افغانستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو به احترام ٿيڻ گهرجي، هي ٻئي گهرجون هڪٻئي جي ابتڙ ناهن ۽ انهن تي ڳالهين واري ميز تي ئي بحث ٿي سگهي ٿو.
انور ابراهيم وڌيڪ چيو ته اسان هن تڪرار جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ شهرين لاءِ دعاگو آهيون ۽ اميد ٿا ڪريون ته ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ عقل ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندا.
You might also like