ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سردار شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي تحقيق ۽ مڪمل ڄاڻ کان سواءِ الزام لڳايا پيا وڃن، ته معاملي ۾ منهنجو ڀاءُ شامل آهي، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن، معاملي ۾ منهنجي ڳوٺ جو به ڪو ماڻهو شامل ناهي. سردار شاهه موجب ايس ايس پي ٻڌايو ته عدالتي حڪم واضح آهن ته زمين خالي ڪرائي وڃي. هن واضح ڪيو ته ڄاڻ موجب معاملي ۾ کيجراڻي جو حبيب شاهه شامل آهي جڏهن ته منهنجو ڳوٺ کارڙو سيد آهي، منهنجي ڀائرن جو ان سان ڪو واسطو ناهي، ڀلي کڻي عدالت جو حڪم هجي پر رمضان شريف ۾ نياڻين جي تذليل ڪرڻ جو ڪنهن کي حق ناهي. مون ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي ۾ ملوثن کي انجام تائين پهچايو وڃي. معاملي جي آگاهي عدالت کي به ڏني وڃي، خبر ناهي ته اهو پلاٽ ڪنهن جو آهي. مون واقعي جون وڊيوز ڏٺيون آهن، اهو سڀ غلط ٿيو آهي، پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس ذريعي اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن ته جيئن غلط فهمي ختم ٿي وڃي.