ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا ) طرفان سنڌ کي ورهائڻ جي سازش خلاف هڪ مذاڪرو منعقد مشورو ڏنو ويو ته ڪراچي جي جديد ۽ قديم تعمير ڪندڙ سنڌي هيرن جا ڏينهن ملهائڻ گهرجن، ڪراچي جي مسئلي تي سياسي پارٽين جي ڪل ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، ان موقعي تي نامور وڪيل مسودو نوراني ،ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ ايڊووڪيٽ امان الله شيخ چيو ته ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ يا وفاق جي ماتحت رکڻ جي سازش پاڪستان پيپلزپارٽي کي موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ اهو پي پي پي جو ئي منصوبو آهي، پر مهاجر شڪست کائي پنهنجا درٻاري در تبديل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ قومي حڪومت ٺهڻ جو امڪان موجود آهي، ان ڪري پي پي پي ۽ مهاجر اڳواڻ ان ۾ پنهنجو حصو پتي وٺڻ لاءِ ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي سنڌي دانشور هن وقت ۾ ليڪو ڪڍي هڪ پاسي نه ٿيندا ته انهن جي دانشوري قبول نه ڪئي ويندي، ليکڪ ۽ پي پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر مسرت خواجه چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش جي ڪردارن جون ڏوريون ٻين جي هٿن ۾ آهي، ڪراچي خلاف سازش ڪو معمولي مسئلو نه آهي، اهو آئيني طور مشڪل به آهي، افسوس ته اردو ميڊيا ۽ ليکڪن جي بدنيتي واري روش ختم نه ٿي آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته سنڌ خلاف هن سازش ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪجهه ادارن جو به هٿ ٿي سگهي ٿو، عورتن جي قانوني مددگار ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ وڪيل شازيه نظاماڻي چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش لياقت علي خان جي دور کان شروع ٿي آهي، ۽ مهاجرن جي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش لاءِ اردو ڳالهائيندڙن جي ذهن سازي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ڪراچي کي انگريزن کان اڳ به سنڌين ٺاهي هئي، اسان کي خاص طور ڪراچي جي تعمير ڪندڙ سنڌي هيرن جا ڏڻ ملهائڻ گهرجن، ڪراچي مسئلي تي هڪ وڏي سڀني پارٽين جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، ان موقعي تي وڪيل صبحيه لاکير ،حسينه جتوئي، شعيب بڪڪ ،اسلم بلوچ، اسلم عباسي، ملڪ علي اڪبر ۽ ٻين به مذاڪرو ۾ حصو ورتو