ڪراچي(ارباب چانڊيو)بلاول هائوس مان جاري ڪيل هڪ تصوير سامهون آئي آهي. هن تصوير ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لڪل آهن، ۽ انهن ڪهاڻين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. تصوير رات دير سان جاري ڪئي وئي، ۽ ان ۾ صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ، وڏو وزير مراد علي شاهه، ڄام خان شورو ۽ تازو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ملڪ چنگيز گڏ نظر اچي رهيا آهن.هي تصوير پاڻ ۾ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان کي چار پنج حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ۽ هر حصو پنهنجو الڳ پيغام ڏئي ٿو. تصوير جي هڪ حصي ۾ ڄام خان شورو ۽ هڪ ٻي شخصيت بيٺل نظر اچن ٿا. انهن جي چهري تي نه خوشي جو تاثر آهي، نه غم جو، بلڪل غيرجانبدار ۽ سنجيده انداز ۾ بيٺل آهن.ٻئي حصي ۾ وزيراعليٰ مراد علي شاهه ٻين کان ٿورو الڳ بيٺل آهن، هن انداز مان اهو تاثر ملي ٿو ته ڄڻ هو اهو پيغام ڏئي رهيو هجي ته “سڀ ڪجهه منهنجي ڪنٽرول ۾ آهي.”ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري عام روايت موجب ساڳئي انداز ۾ بيٺل نظر اچن ٿو. سندس ڀرسان فريال ٽالپر آهن، جنهن جي چهري تي هلڪي مرڪ آهي، نه مڪمل خوشي، نه اداسي هن تصوير جو تعلق ظاهري طور ڄامشورو جي سياست سان آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ سياسي ميدان ڪنهن هڪ ڌر جي ڪنٽرول ۾ هو، پر هاڻي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن. ملڪ چنگيز جي شموليت کان پوءِ لڳي ٿو ته سياسي طاقت جو توازن تبديل ٿي سگهي ٿو.هي تصوير رڳو هڪ گڏجاڻي جي تصوير ناهي، پر هڪ سياسي پيغام به آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڄامشورو جي سياست ۾ تبديلي اچڻ جا امڪان آهن. طاقت جو مرڪز شايد ٻيهر ترتيب ۾ اچي رهيو آهي، ۽ سياسي ميدان ۾ نوان اتحاد ۽ نيون صف بنديون سامهون اچي سگهن ٿيون.