پنجاب ۾ اشرافيه لاءِ عياشيون برقرار،وزيرن ۽ ڪامورن لاءِ 108 وي آءِ پي گاڏيون خريدڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اسد علي طور)پنجاب ۾ 11 ارب رپي جي جهاز واري اسڪينڊل کانپوءِ هاڻي ٻيو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، پنجاب حڪومت 108 وي آءِ پي گاڏيون خريد ڪرڻ وڃي رهي آهي، جن جي ڪل قيمت هڪ ارب 14 ڪروڙ رپيا آهي. اهي گاڏيون وزيرن، سيڪيورٽي ۽ وزيراعليٰ جي انسپيڪشن ٽيمن لاءِ آهن.هي سڀ ڪجهه اهڙي صوبي ۾ ٿي رهيو آهي، جتي غربت جي شرح گذريل ستن سالن ۾ مجموعي طور تي 41 سيڪڙو تائين پهتي آهي.لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ آبادي مان قريب 3 ڪروڙ ماڻهو صرف 8 هزار رپيا مهينو ڪمائين ٿا،ڪامورن ۽ وزيرن لاءِ گاڏين ۾  ۾ لينڊ ڪروزر، هيلوڪس، ٽويوٽا گرانڊي، ٽويوٽا يارس وغيره شامل آهن.چار ڪروڙن جون ٻه بُلٽ پروف گاڏيون، وي آءِ پي سيڪيورٽي لاءِ 27 ڪروڙن جون 25گاڏيون، انسپيڪشن ٽيمن لاءِ 53ڪروڙ رپين جون گاڏيون، جن ۾ 30 ڊبل ڪيبن ويگو، 11 ٽويوٽا يارس، 3 ٽويوٽا ايلٽس ۽ موٽر سائيڪلون شامل آهن.پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پنجاب اسيمبلي ۾ چيو ته “جيڪڏهن بلاول ڀٽو سنڌ حڪومت جو جهاز رڪشي وانگر استعمال ڪري سگهي ٿو، ته پنجاب حڪومت کي به جهاز خريد ڪرڻ جو حق آهي.”پر ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳي عظميٰ بخاري چيو هو ته اهو جهاز پنجاب ايئر لاءِ آهي. هاڻي هوءَ پاڻ ئي تضاد جو شڪار آهي. نه کيس خبر آهي ته ڪهڙو بيان صحيح آهي، نه ئي جوابدهي جو ڪو تصور آهي.

نظام هلائيندڙ به هاڻي بيزار نظر پيا اچن:مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان مشاهد حسين سيد چيو آهي ته نظام ۾ هڪ راءِ موجود آهي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون پر مزو نه پيو اچي،معيشت،سياست ۽ دهشتگردي ٽئي قابو ۾ نه پيا اچن،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ياد رکو  اسٽيبلشمينٽ وٽ هميشه هڪ پلان بي ۽ پلان سي هوندو آهي،پاليسيون تبديل ڪريو،مسيحا جي ڳولا ڇڏيو،ونڊر بواءِ نه ونڊرفل پاليسيون کڻي اچو ته وڌيڪ بهتر آهي.

ٻيا وڏا وزير رڪشا استعمال ڪن ٿا؟ عظميٰ بخاري

لاهور(بيورو)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته مون کي افسوس آهي ته جهاز جي معاملي تي 150 کان وڌيڪ وي لاگز ٺهيا ۽ تقريباً 100 ٽي وي چينلز تي پروگرام نشر ٿيا، پر ڪنهن به وڏي اينڪر يا صحافي هن تي باقاعده سيگمينٽ ڪرڻ کي ضروري نه سمجهيو،هن  چيو ته ڳالهيون ته اسان وٽ به جام آهن،ڪنهن جي ذاتي زندگي بابت پر اسان اهو گند نٿا پکيڙڻ چاهيون،هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته  ڇا اسان جا وڏا وزير  به سفر لاءِ رڪشا استعمال ڪندا آهن؟فتنا فساد پارٽي جو ليڊر بني گالا کان وزيراعظم هائوس تائين هيليڪاپٽر استعمال ڪندو هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.