عمرڪوٽ ۾ پيش آيل دل ڏاريندڙ واقعي جي حقيقت

نواز ڪنڀر

عدالتي حڪم جو بهانو ڪري مسڪين ماڇين جي گهرن تي شاهه بيگ ارغون بڻجي جيئن راتاهو هنيو ويو آهي ۽ معصوم نياڻين جي تذليل ڪري بربريت جو جيڪو بد نماءُ ڪيو ويو آهي ، ان جو پس منظر ۽ اوائلي فيڪٽ فائينڊنگ هيٺئين ريت آهي ۔

ماڇين جي گهرن وارو ڄاڻايل پلاٽ دراصل ڍوري ناري جي وڏي ۽ مشهور زميندار قاضي نورمحمد پلي جو هو جيڪو 1939ع۾ هن پنهنجي مال جي واڙي لاءِ ورتو هو ۔ ڇاڪاڻ ته ناري پٽ ۾  وسڪاري جي موسم دوران گهڻا مڇر هجڻ ڪري چوپايو مال واريءَ جي ڀٽن تي وڌيڪ سکيو رهندو هو ۔ ان زماني ۾ عمرڪوٽ شهر لڳ واري  جي ڀٽ تي موجود هيء پلاٽ اڳتي هلي شهر وڌڻ جي ڪري شهر جي وچ ۾ اچي ويو جتي قاضي نورمحمد پلي جي فرزند قاضي محسن پلي اوطاق جو بنگلو ٺهرايو جڏهن ته ان پلاٽ جي آسپاس خالي پيل سرڪاري پلاٽ  تي 1973ع ڌاري ناري پٽ جي غريب ماڇين پنهنجا اجها اڏي رهائش اختيار ڪئي جن جي قاضي محسن پلي مرحوم پنهنجن ٻچن وانگر سار سنڀال لهندو رهيو ۔

ڪجهه سال اڳ قاضي محسن جي اوطاق واري  جڳهه سندس پونئرن وڪرو ڪري کيجراڙي جي سيدن کي ڏني جن تازوئي ساڳي  جڳهه جنهن ڌر کي اهو چئي وڪرو ڪئي ته  جڳهه جي آسپاس موجود ماڇين جي گهرن وارو پلاٽ به انهن جي ملڪيت آهي. اصل ۾ اها بي ايماني تي ٻڌل سندن غلط بياني هئي ۔ آخر ڪار جڏهن نئين خريدار شاهن کان قبضي جي گهر ڪئي تڏهن هنن عدالت جو در کڙڪايو جنهن ۾ کين  جڳهه جي مالڪي وارو فيصلو جيئن ئي مليو ته هنن ماڻهپي جا سڀ ليڪا لتاڙيندي ماڇين جي گهرن کي بربريت جي ور چاڙهي ڇڏيو ۔

هاڻي جيڪي دوست شاهن کان پلاٽ خريد ڪري ماڇين جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهن انهن کي معلوم هئڻ گهرجي ته اهو پلاٽ نه بلڪه رڳو قاضي صاحب واري  جڳهه شاهن کي وڪرو ڪري ڏني وئي هئي  تنهنڪري هي پلاٽ بنيادي طرح آهي ئي ماڇي برادري جي انهن ماڻهن جو ، جن تي قهر ڪڙڪيو آهي ۔ هي فيڪٽ فائينڊنگ ، اسان سان رابطو ڪندڙ ملڪ جي سڀني فورمن ۽ فردن سان جيتوڻيڪ شيئر ڪندا رهيا آهيون پر واقعي جو پيرائتو پس منظر هتي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته مٿي بيان ڪيل حقيقت جي روشني ۾ وڪيلن ، اديبن ، دانشورن ، صحافين ، سماجي اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ماڇين جي قانوني  راڄوڻي ۽ مالي مدد جي رٿا بندي ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.