دِوِيا ڀارتي: ” جنهن کي هر ڪم ۾ تَڪڙ هوندي هئي“

سنڌيڪار:سرمد

ھن کي ھر ڪم ۾ تڪڙ ھوندي ھئي، سدائين چوندي ھئي ته جلدي ڪريو زندگي ننڍڙي آھي، ھر ڪم ۾ وٺ وٺان ڄڻ ڪو کيس اشارو مليو ھو ته وقت ٿورو آھي، شايد ڄاڻي ورتو ھئائين ته ھوءَ اسان سان گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي.
فلمسازن کي ڪڏهن ڪڏهن اداڪارن جي روين سبب ڊپ ورائي ويندو ھو، پر دِوِيا اھڙي نه هئي، هوءَ سيٽ تي گهر ڀاتين جهڙي هئي، هوءَ اهڙي ڇوڪري هئي جا پٿر کي به ميڻ بڻائي سگهي پئي.
ننڍڙي وهيءَ ۾ بالي ووڊ جهڙي مها ساگر ۾ پير پائيندڙ دِوِيا جون فلم ”شعلا اور شبنم“ جي شوٽنگ دوران به ٻاراڻيون حرڪتون ۽ کل ڀوڳ جاري رھي، ھدايتڪار سوچيو ته
”ھاڻي فلم جو سڀ کان سنجيده سين اچڻ وارو آھي ۽ ھيءَ ڇوڪري ڪيئن ان سان نڀاءُ ڪندي ؟“
ڊائريڪٽر جي اڻ تڻ ڏسي دِوِيا چيو ته ”توهان ڪئميرا آن ڪريو ۽ جيڪڏهن مون کان ڪائي غلطي ٿي ته مان فلم ڇڏي ڏينديس.“
ان کانپوءِ گاني جي شوٽنگ شروع ٿي ۽ جڏھن ھي ٻول آيا :
”تون رُوٺا تو روٺ ڪي اتني دور چَلي جائونگي،
ساري عمر پُڪاري ڦر ڀي لوٽ ڪي نه آئونگي…“
جنهن مهل ٽيڪ اوڪي ٿيو، سيٽ تي موجود سڀني جون اکيون آليون ھيون.
ماڻهو چوندا هئا ته هوءَ سري ديوي جو ٻيو روپ هئي.
پنجويهه فيبروري تي جنم وٺندڙ دِوِيا ڀارتي جي اڄ حيات ھجي ھا ته پنهنجي 52 ھين سالگرهه ملهائي ھا، ھن جو فلمي سفر لڳ ڀڳ ٽن سالن تي پکڙيل ھو، تنهن باجود سندس شهرت جا قصا اڄ به مشهور آهن.
نوي واري ڏهاڪي ۾ ھڪ فلم ٺهي هئي وِشوَآتما، اھا ان وقت تائين جي مهانگي فلمن منجهان ھڪ ھئي، جيڪا ڀارت ۽ ڪينيا ۾ فلمائي ويئي ھئي، ڪار ريسنگ، ڪئسينو ڪلچر ۽ اسٽار ڪاسٽ ۾ سني ديول، امريش پوري، نصير الدين شاهه، چِنڪِي پانڊي جهڙن ادڪارن جي ھوندي به ان فلم جي اڄ به ھڪ ئي سڃاڻپ آھي، سا آھي دِوِيا جي
”سات سمندر پار مين تيري،
پِيڇي پِيڇي آ گئي“ گيت تي رقص .
5 اپريل 1993 جي رات دِوِيا جي ديهانت جي خبر فلم انڊسٽري کي ڌوڏي ڇڏيو ھو، ان رات ڇا ڇا ٿيو، ان بابت انڪشافن جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
دِوِيا جي والدين هڪ انٽرويو ۾ چيو ھو ته: ”ان شام دِوِيا چيو ته مان پنهنجو گهر خريدڻ چاهيان ٿي، اسان سڀ گهر ڏسڻ وياسين، رات جو مون کي فون آئي ته نيتا لُلا(فيشن ڊيزائنر) گهر آئي آهي ۽ ڪپڙا ڏسڻ چاهي ٿي، دِوِيا جو ڀاءُ کيس ڇڏڻ ويو، دِوِيا گهر ۾ اسان جي نوڪرياڻي، نيتا لُلا ۽ سندس مڙس موجود هئا، 15 منٽ گذريا ته فون آئي ته دِوِيا دريءَ تان ترڪي ڪِري پئي آهي، اسان کي لڳو ته اھو ڀوڳ آھي، هوءَ ايڏي ھيڻي نه هئي جو آپگهات ڪري ڇڏي…!“
فلم فوٽو گرافر آر ٽي چاولا ان صبح جو احوال اوريندي چئي ٿو ته”جڏهن مان پنهنجي پٽ سان گڏ شمشان گهاٽ پهتس ته ڳاڙهي چادر ۾ ويڙهيل دِوِيا کي ڏسندو رھيس ۽ روئندو رهيس، ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته مان ھن جي ڪيترو ويجهو آهيان، هڪ فوٽوگرافر طور مان به مجبوري ۾ جنازي جون تصويرون ڪڍي رهيو هئس….“
جيستائين ھن جي مڙس ساجد ناڊياڊوالا جي ڳالهه آھي ته سمورين افواهن ھوندي به دِوِيا جي والدين ۽ ساجد وچ ۾ سٺا لاڳاپا رھيا، ٻه ھزار چار تائين ته ناڊياڊوالا گرانڊ سن پروڊڪشن جيڪي به فلمون ٺاهيون، ان جي شروع ۾ دِوِيا ڀارتيءَ جي تصوير ھوندي ھئي، جنهن جي ھيٺان لکيل ھوندو ھو ”منهنجي پياري گهرواريءَ جي ياد ۾…“
دِوِيا جي ڪُمهلي موت کانپوءِ، لاڊلا(سري ديوي) مُهرا(روينا ٽنڊن)، ھلچل (ڪاجول)، وجئه پٿ (تبو)، ڪرتويا (جوھي چاولا) جهڙيون ھن جون فلمون ٻين اداڪارائن مڪمل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.