وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس اختيارين کي بنا اجازت ڇاپن لاءِ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس ڇاپن بابت اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته ٽيڪس اختياريون ڪنهن به وقت ۽ بنا اڳواٽ نوٽيس جي ڪنهن به جاءِ تي ڇاپو هڻي سگهن ٿيون.
وفاقي آئيني عدالت ۾ ٽيڪس ڇاپن بابت اپيل تي فيصلو جسٽس عامر فاروق جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڇاپو هڻڻ لاءِ لاڳاپيل شخص يا اداري خلاف اڳ کان ڪو ڪيس داخل هجڻ ضروري ناهي.
وفاقي آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ بنا ڪيس جي ڇاپي کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو دليل رد ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ٽيڪس اختيارين کي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ واڌو اختيار ڏنا آهن ۽ عدالت قانون ۾ پنهنجي طرفان ڪو اهڙو شرط شامل نٿي ڪري سگهي، جيڪو قانون ٺاهيندڙن ناهي لکيو.
فيصلي موجب ڪمشنر کي لکت طور اهو ٻڌائڻو پوندو ته ڪهڙي قانون جي ڀڃڪڙي تي ڇاپو هنيو پيو وڃي، جڏهن ته ٽيڪس اختياريون ڪمپيوٽر، دستاويز ۽ اڪائونٽ قبضي ۾ وٺڻ جون مڪمل مجاز آهن.
پوءِ وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.