رمضان ۾ ورزش ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ماهرن مسئلو حل ڪري ڇڏيو

 

رمضان ايندي ئي ماڻهن جي اڪثريت پنهنجون روز مرهه جون سرگرميون تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ۾ ورزش نه ڪرڻ به شامل آهي، جنهن سبب فٽنيس جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ماڻهو سوچيندا آهن ته رمضان ۾ روزا رکڻ سبب روٽين کي هڪ مهيني لاءِ تبديل ڪيو وڃي پر ان ڳالهه کي بنياد بڻائي ورزش ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي.
ماهرن موجب رمضان ۾ به ورزش کي نه ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن روزي سبب توهان توانائي محسوس نٿا ڪيو ته افطاري کانپوءِ ورزش کي معمول بڻايو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته رمضان ۾ فٽنيس لاءِ ورزش ڪرڻ مڪمل طور محفوظ آهي، ماڻهن کي هن مهيني ۾ به ورزش جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي، ڇو ته ان جو نقصان ناهي پر توهان وڌيڪ تندرست رهندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.