رمضان ايندي ئي ماڻهن جي اڪثريت پنهنجون روز مرهه جون سرگرميون تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ۾ ورزش نه ڪرڻ به شامل آهي، جنهن سبب فٽنيس جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ماڻهو سوچيندا آهن ته رمضان ۾ روزا رکڻ سبب روٽين کي هڪ مهيني لاءِ تبديل ڪيو وڃي پر ان ڳالهه کي بنياد بڻائي ورزش ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي.
ان حوالي سان نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ فٽينس ٽرينر رضوان نور اهم مشورن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته رمضان ۾ به ورزش کي نه ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن روزي سبب توهان توانائي محسوس نٿا ڪيو ته افطاري کانپوءِ ورزش کي معمول بڻايو.
سندس چوڻ هو ته رمضان ۾ فٽنيس لاءِ ورزش ڪرڻ مڪمل طور محفوظ آهي، ماڻهن کي هن مهيني ۾ به ورزش جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي، ڇو ته ان جو نقصان ناهي پر توهان وڌيڪ تندرست رهندئو.
You might also like