ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه نو پارڪنگ ۾ بيٺل موٽر سائيڪلن کي لفٽر نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو ته توهان ڪنهن به صورت موٽر سائيڪل لفٽنگ ناهي ڪرڻي آهي ۽ ان حوالي سان واضح پاليسي ڏني وئي آهي.
هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي بائيڪ غلط جاءِ تي بيهاري ٿو ته ٽريفڪ اهلڪار موٽر سائيڪل لفٽ ڪرڻ بدران ان کي چين هڻي لاڪ ڪري ڇڏين ۽ روبو ڪار اهلڪار کي گهرائي تصوير وٺي چالان ڪن.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن موٽر سائيڪل جي نمبر پليٽ نه هجي ته پوءِ اِها کڻڻي آهي، نمبر پليٽ لڳڻ تائين ان کي نه ڇڏيو وڃي ۽ اهڙن ڪيسن جي رپورٽ مون ڏانهن اُماڻي وڃي.