اپوزيشن اتحاد حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهين واري معاملي تي حڪومت کي هاڪاري جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، فيصلو اسلام آباد ۾ گذريل رات اپوزيشن اتحاد جي مشاورتي ويهڪ دوران ڪيو ويو، مشاورتي اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، شاهد خاقان عباسي ۽ مصطفيٰٰ نواز کوکر به شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ رانا ثناءُالله جي بيانن جو سان جائزو ورتو ويو، سلمان اڪرم راجا، شاهد خاقان ۽ ٻين اپوزيشن قيادت کي حڪومت سان رابطي جو صلاح ڏني.
ذريعن موجب، محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس اپوزيشن اتحاد جي فيصلن کانپوءِ ڳالهين واري عمل تي اڳڀرائي ڪندا، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ رمضان دوراناهم حڪومتي شخصيتن سان رابطو ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.