ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر زميني حقيقتون ان کان مختلف آهن. ڪراچي جا پنهنجا مسئلا آهن پر هي شهر ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو،پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي روزانو سڄي ملڪ مان ايندڙن جو بار کڻي رهيو آهي، ڪراچي ۾ روزانو هزارين ماڻهو سڄي ملڪ مان داخل ٿين ٿا ۽ روزگار جا موقعا ڳولين ٿا، صحت جي بهتر سهولتن لاءِ به سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪراچي جو رخ ڪن ٿا. ميڊيا هائوسز جون هيڊ آفيسون هتي هجڻ ڪري شهر وڌيڪ بحث هيٺ رهي ٿو. وڏن چيلينجز ۽ دٻاءُ باوجود ڪراچي ملڪي معيشت جو مرڪز ۽ ترقي جو محور بڻيل آهي، انهن تمام حقيقتن باوجود حڪومت کي مختلف چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر انهن سان منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته انفراسٽرڪچر سيس جي مد ۾ گڏ ٿيل رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي رهي آهي، ان مد ۾ حاصل ٿيندڙ فنڊز سنڌ حڪومت کي نٿا ملن، حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ مڪيش چاولا جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي اسپتالن ۾ تقريبن 50 سيڪڙو مريض ٻاهران اچن ٿا، انهن تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا جيڪي سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي مبينا ميٽنگ بابت گردش ڪندڙ خبر جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها صرف سنسني ڦهلائڻ جي ڪوشش آهي. جنهن ميٽنگ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ان ۾ اهڙو ڪجهه به نه هو. صدر زرداري اسان جو بزرگ آهي ۽ اسان کي ڇنڊ به ڏئي سگهي ٿو. صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال تالپور باقاعدگي سان بريفنگ وٺندا رهن ٿا ۽ اسان سڀ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهيون. ڪراچي جي چيلينجز بابت صدر ۽ چيئرمين کي چڱي ريت خبر آهي، وڏو وزير روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري ٿو ۽ فيصلا ڪري ٿو. هن چيو ته ريڊ لائن منصوبي جي معاملي ۾ اسان کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پيو پر حڪومت مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، جيترا به وزير آهن، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سڀ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنارڪلز ۽ ڊرونز خريد ڪيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن، باقي شهرن جو مقابلو ڪراچي سان ڪيو وڃي ٿو، پر ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي آبادي ۾ تمام وڏو فرق آهي. لاهور کي زير زمين پاڻي جي سهولت ميسر آهي، ڪراچي کي ناهي، اهو ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. واٽر ٽينڪرن جي ڪري ٽريفڪ جو نظام ۽ انفراسٽرڪچر متاثر ٿئي ٿو. ڪراچي جي آبادي جو مقابلو ڪنهن شهر سان نه پر ملڪ سان ڪري سگهجي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت هر وقت پيپلز پارٽي کان سهڪار گهري ٿي، پر سندن سنڌ ۾ نمائندا سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. اسان پنهنجي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي وفاقي حڪومت کان ان معاملي تي وضاحت طلب ڪري.