اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر 2 مارچ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي اعلان موجب، هر پارلياماني سال جي شروعات ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو ويندو آهي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر، 2 مارچ2026 تي منجهند 3 وڳي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي مطابق، صدر آصف علي زرداري نائون ڀيرو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو.