حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو، ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ اقبال جروار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جيئن ڪي ايس پي پاليسي ذريعي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي تيئن مڪاني حڪومت کي مضبوط بڻائڻ جي نالي ۾ ڪراچي جي مڪاني کاتن سميت مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌين جي ڀرتي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، 28هين آئيني ترميم ان سازش جي ڪڙي آهي. 28هين ترميم سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي.