دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هلندڙ سال انگلينڊ اينڊ ويلز ۾ شيڊيول وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مڪمل شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا12 جون کان 5 جولاءِ تائين جاري رهندا، ميگا ايونٽ ۾ شامل 12 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
گروپ ون ۾ آسٽريليا، ڀارت، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش ۽ نيڌرلينڊز جڏهن ته گروپ 2 ۾ ميزبان انگلينڊ، نيوزيلينڊ، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ شامل آهن.
ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ 12 جون تي ايجبسٽن ۾ انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٻئي ڏينهن اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ڏينهن جو ٻيو مقابلو آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ رٿيل آهي، جڏهن ته ٽيون دنگل ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندو.
بنگلاديش ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ پهريون ميچ 14 جون تي شيڊيول آهي، ساڳئي ڏينهن ٻيو مقابلو روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندو.
16 جون تي نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جڏهن ته انگلينڊ ۽ آئرلينڊ مقابلو ڪندا، 17 جون تي 3 ميچز رٿيل آهن، پاڪستاني ٽيم جو مقابلو ڏکڻ آفريڪا سان ٿيندو.
18 جون تي ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽلينڊ جڏهن ته 19 جون تي نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ ٽاڪرو ٿيندو.
20 جون تي آسٽريليا جو مقابلو نيڌرلينڊز، پاڪستان جو بنگلاديش ۽ انگلينڊ جو اسڪاٽلينڊ سان ٿيندو.
پاڪستان ٽيم جي چوٿين گروپ ميچ 23 جون تي آسٽريليا سان شيڊيول آهي، جڏهن ته 27 جون تي گرين شرٽس ڊچ ٽيم سان مقابلو ڪندي.
سيمي فائنلز 30 جون ۽ 2 جولاءِ تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته فائنل 5 جولاءِ تي لارڊز ۾ رکيو ويو آهي.
هر گروپ مان شروعاتي 2 ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهينديون.