اسان اڃا ٽورنامينٽ ۾ آهيون، هميشه پاڪستان کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: شاهين آفريدي

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ چيو آهي ته اڃا ٽورنامينٽ ۾ اِن آهيون، اسان کي پنهنجي ميچ کٽڻي آهي ۽ اِهو به ڏسڻو آهي ته نيوزيلينڊ پنهنجون ميچون هارائي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ انگلينڊ هيري بروڪ جي شاندار سينچري جي مدد سان پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ميچ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هيري بروڪ زندگيءَ جي بهترين اننگز کيڏي آهي، هن بهترين ڪرڪيٽنگ شاٽس کيڏيون.
فاسٽ بالر چيو ته اسان اڃا به ٽورنامينٽ ۾ اِن آهيون، اسان کي پنهنجي ميچ کٽڻي آهي ۽ سموري ڌيان ان تي کتل آهي، اِهو به ڏسي رهيا آهيون ته نيوزيلينڊ پنهنجي ميچون هارائي.
هن چيو ته شڪست تي هڙئي توهان کي غلط قرار ڏيندا آهن، هن وڪيٽ تي اسان کي 180 رنسن جو هدف گهربل هو، هيڊ ڪوچ جو مائينڊ سيٽ آهي کيس خبر آهي ته ڪيئن ٽيم کي کڻي هلڻو آهي اُهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو ايڏا آل رائونڊرز ڇو ٿو کيڏائي.
هن وڌيڪ چيو ته سدائين پاڪستان لاءِ وڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مون کي ڪنهن کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، مون کي پاڻ کي ثابت ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.