ترڪيه ۾ ايف 16 جهاز سان حادثو، پائلٽ فوت

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي فضائيا جو هڪ ايف 16 جنگي جهاز حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب پائلٽ فوت ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اربع جي صبح اولهه ترڪيه ۾ باليڪيسر صوبي مان اڏام ڀرڻ کانپوءِ جهاز جو ريڊار سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ اهو هاءِ وي تي ڪري تباهه ٿي ويو.
ترڪ بچاءَ واري وزارت ٻڌايو ته اطلاع ملندي ئي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ هاءِ وي ڀرسان جهاز جو ملبو هٿ ڪيو ويو، حادثي ۾ پائلٽ ميجر ابراهيم بولات فوت ٿي ويو.
بچاءَ واري وزارت حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ خاص جاچ ڪميشن قائم ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.