دي هنڊريڊ ليگ: پاڪستاني رانديگرن کي نه کنيو ويو ته چُپ نه ويهنداسين، معين علي خبردار ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ”دي هنڊريڊ“ جي ايندڙ سيزن ۾ پاڪستاني رانديگرن کي نه چونڊڻ وارين خبرن تي اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر معين علي خبردار ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر معين علي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽرن جو دي هنڊريڊ ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو ته رانديگر خاموش نه رهندا.
هڪ بيان معين علي پنهنجي ۾ چيو ته اهڙي قسم جو امتيازي ورتاءُ انگلينڊ ۾ ناهي ٿيندو، جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽرن جو دي هنڊريڊ ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو ته رانديگر ايڪشن وٺندا.
واضح رهي ته بي بي سي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ايندڙ مهيني ۾ ٿيندڙ ”دي هنڊريڊ“ جي پليئرز آڪشن ۾ 4 ڀارتي ملڪيت واريون فرنچائزز ڄاڻي واڻي پاڪستاني رانديگرن کي پِڪ نه ڪنديون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 11 ۽ 12 مارچ تي لنڊن ۾ شيڊيول نيلاميءَ لاءِ ڪُل 67 پاڪستاني پليئرز (63 مرد ۽ 4 عورتون) پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل چار ئي فرنچائز پڻ نيلامي ۾ حصو وٺنديون.
ان رپورٽ تي انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن مارچ ۾ ٿيندڙ دي هنڊريڊ 2026 نيلامي دوران پاڪستاني رانديگرن کي سندن قوميت جي بنياد تي نظر انداز ڪيو ويو ته لاڳاپيل فرنچائز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊگھي عرصي کان جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻئي ملڪ رڳو آءِ سي سي ايونٽس ۾ هڪ ٻئي خلاف کيڏندا آهن.
ويجهڙ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪولمبو ۾ شيڊيول ميچ رڳو ان صورت ۾ ممڪن ٿي هئي جڏهن پاڪستان بائيڪاٽ واري ڌمڪي تان هٿ کڻي ويو هو.
ٻنهي ملڪن جي سياسي معاملن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل)، جيڪا دنيا جي سڀ کان منافعي بخش ٽي ٽوئنٽي ليگ آهي ۾ پهرئين ايڊيشن کانپوءِ در بند آهن.
هاڻي خبرون آهن ته انگلينڊ جي ”دي هنڊريڊ ليگ“ ۾ به ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر مائيڪل وان انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) کان مطالبو ڪيو هو ته هو ترت اهڙين خبرن جي جاچ ڪري، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڀارتي ملڪيت رکندڙ فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيون آهن.
ان کانسواءِ انگلينڊ ٽيم جي موجودا ڪپتان هيري بروڪ به ان معاملي تي چوڻ هو ته ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز طرفان پاڪستاني رانديگرن کي دي هنڊريڊ ليگ مان ٻاهر ڪرڻ وارو فيصلو افسوسناڪ آهي.
ياد رهي ته گذريل سال رڳو ٻه پاڪستاني رانديگر، محمد عامر ۽ عماد وسيم ئي ان ليگ ۾ شامل ٿيا هئا ۽ ان وقت نيون فرنچائز ليگ جو حصو نه هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.