دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ ڀارت جي اڀيشيڪ شرما جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جي صاحبزادا فرحان ٻه درجا ترقي کانپوءِ ٽِين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ڀارت جو ايشان ڪشن ٽي درجا بهتري کانپوءِ پنجين نمبر پهچي ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا جو ڊيوالڊ بريوس 10 درجا بهتري کانپوءِ نائين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته انگلش ڪپتان هيري بروڪ 10 درجا بهتري کانپوءِ 18هين پوزيشن آهي.
زمبابوي جو سڪندر رضا هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي جو نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته صائم ايوب هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي ورون چڪرورتي جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڪاربن بوش 21 درجا ترقيءَ کانپوءِ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جو ابرار احمد ٻه درجا تنزلي کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جو ميٿيو فورڊ 23 درجا بهتري کانپوءِ ستين نمبر تي اچي ويو آهي.