پاڪستانين لاءِ يورپ جا دَر کُلي ويا، هزارين ويزائن جو اعلان

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پينٽي چيو آهي ته ليگل مائيگريشن لاءِ پاڪستاني اسڪلڊ ليبز کي ساڍا 10 هزار ويزائون فراهم ڪنداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روم ۾ اطالوي هم منصب ميٽيو پينٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ داخلي سيڪيورٽي لاڳاپن ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو.
اطالوي گهرو وزير چيو ته ليگل مائيگريشن لاءِ پاڪستاني اسڪلڊ ليبر کي ساڍا 10 هزار ويزائون ڏينداسين، جڏهن ته پاڪستاني ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ وارن کي ويزا کان ڇوٽ ڏينداسين.
ٻنهي ملڪن جي گهرو وزيرن جي ملاقات ۾ منشيات ۽ انساني سمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي غير قانوني اميگريشن ۽ انساني سمگلنگ روڪڻ لاءِ قدمن کي به ساراهيو.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ ايئرپورٽن ۽ سامونڊي سرحدن جي سخت نگراني سان غير قانوني اميگريشن گهٽي آهي.
اطالوي گهرو وزير چيو ته غير قانوني اميگريشن، انساني سمگلنگ ۽ منشيات خلاف پاڪستان جون ڪاميابيون ساراهه جوڳيون آهن.
هن چيو ته ليگل مائيگريشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار وڌائينداسين، پاڪستان سان گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.