تربت ۾ گهر تي فائرنگ، عورت سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تربت ۾ هڪ گهر تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو تربت جي علائقي بليده ۾ پيش آيو، اڻڄاتل ماڻهن هڪ گهر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ گهر ۾ موجود 6 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي لاشن کي ويجهي اسپتال نيو ويو.
پوليس موجب فائرنگ ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
پوليس موجب جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.