ميرپورماٿيلو/ڏهرڪي (خالد وسير/اجيت ڪمار) گهوٽڪي ضلعي جي بدنام ڌاڙيل راحب شر ڇهن ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري پوليس کي سرينڊر ڪري ڇڏيو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ بدنام ڌاڙيل راحب شر تي ٻن ڪروڙ رپين جا انعام مقرر هئا ۽ سندس خلاف گهوٽڪي ۾ قتل، اغوا ۽ ڌاڙن سميت 100 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. ساڻس گڏ پيش ٿيندڙ ظهور شر تي به هڪ ڪروڙ رپين جو انعام مقرر هو. پوليس موجب علائقي ۾ جاري دٻاءَ سبب وڌيڪ گهربل ڌاڙيل به جلد سرينڊر ڪندا. گرفتاري ڏيندڙن ۾ نادر شر، موريو شر، سنڌو شيخ شامل آهن جن ڊي آءِ جي سکر، ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران آڏو گرفتاري پيش ڪئي.