حيدرآباد ۾ هندو نينگري اغوا،جوابدار گرفتار نه ٿيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ٽاور مارڪيٽ مان مبينا طور تي 16 سالن جي ميگھواڙ برادري جي نينگري اغوا ٿي وئي، پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۽ نينگري کي ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد خواجه جماعت خاني ويجھو عدنان پلازه جي رھواسڻ 16 سالن جي نينگري نندني ڌي اشوڪ ميگھواڙ مبينا طور اغوا ٿي وئي، واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود نينگري جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگھي آھي. جڏھن تہ پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي به گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي . مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگري نندني ميگھواڙ جي وارثن نينگري جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تي سخت احتجاج ڪندي ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ کي اپيل ڪئي آھي ته سندن نينگري کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.