ممبئي (ويب ڊيسڪ) نامياري ڊيزائنر نيتا انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ جي 400 ڪلو وزني زيورن جي حفاظت لاءِ 5 سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيا ويا هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نيتا 2008ع ۾ رليز ٿيل فلم جوڌا اڪبر جي سيٽ جا ڪجهه ڇرڪائيندڙ ۽ دلچسپ واقعا شيئر ڪيا آهن.
هدايتڪار آشتوش گواريڪر جي ان فلم ۾ ايشوريا راءِ سان گڏ رتيڪ روشن مُک ڪردار ادا ڪيو هو.
عورت ڊيزائنر موجب، فلم ۾ اداڪارن جو لباس غيرمعمولي هو، ۽ لڳ ڀڳ 400 ڪلو وزني زيور ٺاهيا ويا، جن جي تياري تي 600 کان وڌيڪ ڏينهن لڳا.
هن چيو ته ايشوريا راءِ جي ڪردار لاءِ تيار ڪيل زيور ڏاڍا قيمتي هئا، جنهن سبب سيٽ تي 5 سيڪيورٽي گارڊ مقرر هئا، جيڪي هر زيور جو مڪمل رڪارڊ رکندا هئا.
نيتا اهو به ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ دوران هڪ موقعي تي واليءَ جو ننڍڙو موتي ڪِري پيو، جنهن سبب سيٽ تي هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، سڀني کي لڳو ته ڪو قيمتي زيور گم ٿي ويو آهي، پر پوءِ پتو پيو اهو رڳو هڪ موتي هو، جنهن کانپوءِ سڀني سُک جو ساهه کنيو.