سال جو سستو ترين آءِ فون ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ايندو ۽ ان ۾ ڇا ڇا آهي؟ ڄاڻيو

اپيل جو هلندڙ سال سستو ترين نئون آءِ فون 4 مارچ تي متعارف ڪرايو ويندو.
ايپل طرفان 4 مارچ تي هڪ ايونٽ ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني اهو ناهي ٻڌايو ته ايونٽ جو مقصد ڇا آهي، پر مختلف رپورٽن موجب هن ايونٽ ۾ آءِ فون اِي 17 کي متعارف ڪرايو ويندو، جيڪو گذريل سال آءِ فون اِي 16 جو نئون ورزن هوندو.
اِهو ايپل جو 2026ع ۾ سستو ترين آءِ فون آهي، جنهن جي قيمت 599 ڊالر کان شروع ٿيندي.
ڊيزائن جي لحاظ کان هي لڳ ڀڳ آءِ فون 16اِي جهڙو ئي هوندو، پر ڪجهه بهترين اپڊيٽس ضرور ڪيون وينديون.
هن فون ۾ ڊيزائن جي حوالي سان سڀ کان وڏي تبديلي امڪاني طور سيلفي ڪيمرا لاءِ ڊائنامڪ آءِ لينڊ ڊيزائن کي استعمال ڪرڻ هوندي.
آءِ فون 16اِي ۾ سيلفي ڪيمرا نوچ ڊيزائن ۾ لڪل آهي، پر مختلف ليڪس موجب آءِ فون 17اِي جو فرنٽ ڪيمرا پل ڊيزائن ۾ لڪل هوندو.
ايپل طرفان آءِ فون 17 اِي ۾ نئون اي 19 پروسيسر ڏيڻ جو امڪان آهي. هي چِپ سيٽ آءِ فون 17 اِي ۾ پڻ ڏنو ويو آهي، يعني ڪارڪردگي جي لحاظ کان هي آءِ فون 17 کان گهٽ نه هوندو.
هڪ ٻي وڏي اپگريڊ ميگ سيف کي آءِ فون 17 اِي جو حصو بڻائڻ آهي، آءِ فون 16اِي ۾ سادي وائرليس چارجنگ سپورٽ موجود آهي، پر 17 اِي ۾ تيز رفتار مقناطيسي چارجنگ سپورٽ دستياب هوندي.
آءِ فون 17 اِي ۾ ايپل جو نئون سي 1 ايڪس موڊيم ڏيڻ جو امڪان آهي، جيڪو تيز ڊيٽا اسپيڊ ۽ توانائي جي بچت لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت فون جي واءِ فاءِ ۽ بلوٽوٿ فيچرز لاءِ نئين اين 1 وائرليس چپ کي به ڊيوائس جو حصو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.