پشاور (ويب ڊيسڪ) عورت سول جج سان تذليل جوڳي رويي تي وڪيل کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سوات جي رڪن اسدالله کي سزا ٻڌائي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار وڪيل سول جج کي ڌمڪايو ۽ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي، وڪيل مبينا طور من پسند فيصلو ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.
جج چيو ته جوابدار کي مطمئن نه ڪندڙ جواب ۽ عدالتي حڪمن باوجود پيش نه ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي.
You might also like