اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي پروگرام بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ عورتن کي مفت سمون فراهم ڪيون پيون وڃن.
پڌرائيءَ موجب بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ عورتون مفت سمون حاصل ڪرڻ ۽ سوشل پروٽيڪشن والٽ کولرائڻ لاءِ ڪنهن به ويجهي بي آءِ ايس پي جي آفيس يا ڪيمپ سائٽس تي وڃن.
پروگرام ۾ رجسٽرد عورتن کي ئي بائيو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ مفت سم فراهم ڪئي ويندي ۽ ان ئي سم تي بي آءِ ايس پي سوشل پروٽيڪشن والٽ کوليو ويندو.
مستقبل ۾ بي آءِ ايس پي جون سموريون قسطون، وظيفا ۽ مالي امداد ان ئي والٽ ذريعي منتقل ٿينديون.
فراهم ڪيون ويندڙ سمون عام نه هونديون پر عورتن جو ڊجيٽل والٽ هوندو ۽ ان جي حفاظت انتهائي ضروري آهي.
You might also like