ايم ڪيو ايم جي سياست ڪراچي کان شروع ٿي ڪراچي تي ئي ختم ٿيندي آهي: شرميلا فاروقي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست ڪراچي کان شروع ٿي ڪراچي تي ختم ٿي ويندي آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪنهن به واقعي تي سياست ڪرڻ کان پوئتي ناهي هٽندي، گل پلازا واقعي تي به سياست ڪئي وئي.
هن چيو ته بلديا فيڪٽري تي به سياست ڪئي وئي، فائر بريگيڊ کي ڪنهن روڪيو سڀني کي خبر آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي تي سياست نه ڪندي ته ان جي سياست ختم ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو گهڻو پراڻو آهي، اهو مطالبو الطاف حسين جي وقت به ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.