سون کي پَر لڳي ويا، في تولي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 3 هزار 400 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 39 هزار 962 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 915 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 62 هزار 930 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 34 ڊالر اضافي سان 5172 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.