اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پي ٽي آءِ باني بابت پمز اسپتال جي رپورٽون جعلي قرار ڏئي رد ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي آزادي امن فورس لکين ماڻهن تي ٻڌل هوندي، جنهن ۾ هڙئي ڌڙا شامل هوندا.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته اسان نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ وارا آهيون ۽ اسان چاهيون ٿا ته جڏهن عمران خان جي ڪال اچي ته سڀ نوجوان تيار هجن.
هن چيو ته عمران خان آزادي امن فورس لکين ماڻهن تي ٻڌل هوندي، فورسز مختلف قسم جون ٿين ٿيون، ريليف فورس، ٽائيگر فورس ۽ ٽاسڪ فورس ۽ اها فورس تحريڪ انصاف جي سڀني ڌڙن سميت وڪيلن ۽ انصاف يوٿ تي ٻڌل هوندي.
سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻندڙن مان ڪو به اسان جو سڄڻ ناهي.
ڪو به اسان جو سڄڻ ناهي، نوجوانن کي گڏ ڪري رهيا آهيون، رڳو عمران جي ڪال جو اوسيئڙو آهي: سهيل آفريدي
You might also like