جيل مينيوئل ۾ اِهو ناهي لکيل ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب ٿئي: قانون وارو وزير

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وزير واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيل مينيوئل ۾ اهو ناهي لکيل ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب ٿيڻ گهرجي.
سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان کي گذريل ڏينهن شيڊيول موجب ۽ سندس رضامندي سان پمز اسپتال آندو ويو، جتي چار ماهر ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو.
قانون واري وزير ٻڌايو ته عمران خان جي اسپتال منتقلي لاءِ رات جي وقت جو تعين سيڪيورٽي ۽ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ هوندو آهي ته کيس اسپتال آندو ويندو آهي.
اعظم نذير تارڙ موجب، الشفا آءِ اسپتال مان ڊاڪٽر نديم ۽ پمز مان پروفيسر عارف عمران خان جو معائنو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري کانپوءِ پي ٽي آءِ باني کي ٻيو ڊوز به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته جيل مينيوئل ۾ اهو لکيل ناهي ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب موجب ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو پروفيسر آف جنرل هيلٿ به معائنو ڪيو ۽ ڪا به ڳڻتي ڳالهه سامهون ناهي آئي، پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت بيان پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مشوري تي ڏئي رهيو آهيان، اسان عمران خان جي صحت لاءِ دعاگو آهيون.
قانون واري وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني بدقسمتي سان سزا يافته آهي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو اختيار رڳو عدالتن وٽ آهي، اهو ممڪن ناهي ته هو اڳوڻو وزيراعظم آهي ته سندس ڪيس ٻين ڪيسن کي پوئتي ڇڏي ٻڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.