ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: آءِ سي سي سيمي فائنلز جو شيڊيول بدلائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيو.
پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري يا نه پر جي سريلنڪن ٽيم سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪري وئي تي پهريون سيمي فائنل ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو، ڀلي سندس مقابلو ڀارتي ٽيم سان هجي يا ڪنهن ٻي ٽيم سان .
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان سپر ايٽ مرحلي جي پڄاڻي کانپوءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي موڪليل پڌرائي ۾ سيمي فائنلز جي انتظامن جي وضاحت ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، پهريون سيمي فائنل ڪولمبو يا ڪولڪتا ۾ ٿي سگهي ٿو ۽ اهو فيصلو مخصوص شرطن تحت ڪيو ويندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو 4 مارچ تي ڪولمبو ۾ سيمي فائنل ون کيڏندو.
جيڪڏهن پاڪستان ٽيم سيمي فائنل ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي ۽ سريلنڪا ڪواليفاءِ ڪري ويو ته ۽ ان جو مقابلو ڀارت کانسواءِ ڪنهن ٻي ٽيم سان ٿيو ته سريلنڪا سيمي فائنل ون ڪولمبو ۾ کيڏندو.
آءِ سي سي اهو به واضح ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ سريلنڪا ٻئي ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيون ته سيمي فائنل ون ڪولڪتا جڏهن ته سيمي فائنل ٽو ممبئي ۾ کيڏيو ويندو.
جيڪڏهن ڀارت سيمي فائنل ۾ پهچي ٿو ته هو ممبئي ۾ کيڏندو، پر جي ان جو مقابلو پاڪستان سان ٿيو ته ان صورت ۾ ميچ ڪولمبو منتقل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.