ڪوهاٽ ۾ پوليس موبائل تي حملو، ڊي ايس پي سميت 6 اهلڪار ۽ هڪ شهري شهيد

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي علائقي شڪردرا روڊ تي پوليس موبائل مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 6 اهلڪار ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويو.
ڊي پي او موجب، اڱاري جي ڏينهن ڪوهاٽ جي علائقي شڪردرا روڊ تي پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿيا.
ڊي پي او تصديق ڪئي ته پوليس موبائل تي دهشتگرد حملي ۾ ڊي ايس پي واحد محمود ۽ 3 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 4 اهلڪار زخمي به ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر علاج دوران وڌيڪ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڊي پي او جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڪُل 7 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار، هڪ ڊي ايس پي ۽ هڪ شهري پڻ شامل آهي.
ايم ايس موجب، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ 3 پوليس اهلڪار ۽ هڪ زخمي شهري علاج هيٺ آهي.
پوليس اختيارين موجب، دهشتگردن حملي کانپوءِ پوليس موبائل کي به باهه ڏئي ڇڏي ۽ فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.