ايران سرينڊر جو مطلب نٿو ڄاڻي، پنهنجي سرزمين جي ڀڃڪڙي قبول نه ڪنداسين: ايراني پرڏيهي کاتو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران سرينڊر جو مطلب نٿو ڄاڻي، پنهنجي سرزمين جي ڀڃڪڙي قبول نه ڪنداسين.
تهران ۾ پريس بريفنگ دوران اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته دفاع جو حق استعمال ڪندي ڪنهن به اڳرائيءَ خلاف ردعمل ڏنو ويندو.
هن چيو ته ايران کي ڊگهين ۽ ٿڪائيندڙ ڳالهين مان ڪو فائدو ناهي، ڪنهن به ايٽمي معاهدي لاءِ ايراني قوم جا مفاد ڳاڙهي لڪير آهن.
اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته علائقي ۾ يورپي فوجي دستن کي دهشتگرد سمجهيو ويندو، محدود حملن سميت ڪنهن به آمريڪي ڪارروائي کي جارحيت سمجهيو ويندو.
ٻئي پاسي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين بابت هاڪاري اشارا مليا آهن، آمريڪي قدمن تي گهري نظر رکي پئي وڃي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني صدر چيو ته ايران علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، تازين ڳالهين ۾ عملي تجويزن جي ڏي وٺ ٿي ۽ اتساهيندڙ اشارا مليا آهن.
ايراني صدر چيو ته اسان آمريڪا جي قدمن تي گهري نظر رکي رهيا آهيون ۽ ڪنهن به امڪاني صورتحال لاءِ سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.