پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر صاحبزادا فرحان چيو آهي ته ٽيم جي بيٽنگ رڳو اوپنرن تائين محدود ناهي، جيڪڏهن شروعاتي بيٽر ناڪام ٿين ٿا ته مڊل ۽ لوئر آرڊر کي ذميواري کڻڻي پوندي.
پاليڪيلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صاحبزادا فرحان چيو ته سپر ايٽ ۾ انگلينڊ خلاف مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي، في الحال پوائنٽس ٽيبل جي حساب ڪتاب تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي پر سڄو ڌيان ايندڙ ميچ تي آهي.
هن واضح ڪيو ته ٽاپ آرڊر جو ڪردار اننگز کي استحڪام ڏيڻ ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ آهي، جنهن تي مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون، هر رانديگر کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي ته جيئن ٽيم متوازن ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ معياري اسپنر موجود آهن، جيڪي انگلينڊ خلاف اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، صائم ايوب بهترين رانديگر آهي ۽ اميد ته ايندڙ ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
You might also like