پي ايس ايل جي نئين فرنچائز سيالڪوٽ اسٽالينز جي مالڪ جو ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ شامل نئين ٽيم سيالڪوٽ اسٽالينز جي مالڪ ڪامل خان ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪامل خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سان محبت سبب هن سيالڪوٽ اسٽالينز جي قيادت سنڀالي ۽ سچي نيت سان پنهنجون ذميواريون نڀايون.
بيان ۾ هن چيو ته مختصر وقت ۾ ٽيم نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن ۾ اسٽيو سمٿ سان معاهدو، ٽِم پين کي ڪوچ طور مقرر ڪرڻ ۽ نيو بيلنس سان ڀائيواري شامل آهي.
ڪامل خان موجب، ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو انتظاميا جي تازن فيصلن تي غور ويچار کانپوءِ ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هن فيصلو ڪجهه عرصي اڳ ڪيو هو، پر باظابطا روانگي کان اڳ خاطري ڪرڻ پئي چاهي ته ٽيم محفوظ هٿن ۾ هجي، هن ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ٻئي پاسي، پي ايس ايل جي نئين ٽيم سيالڪوٽ اسٽالينز جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ شيئرز هڪ نئين گروپ کي وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن سان اوز گروپ جو ٽيم تي ڪنٽرول ختم ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.