جيل ۾ ته توهان وٽ اک جو علاج به ناهي، دل جو ڪهڙو علاج ڪندئو: جسٽس عقيل عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ قتل جي جوابدار جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران معزز ججن جيلن ۾ طبي سهولتن بابت اهم ريمارڪس ڏنا.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سندس اصيل دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي ۽ کيس فوري طور طبي ڌيان جي ضرورت آهي، حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي رپورٽ ۾ به جوابدار جي آپريشن جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته جيل ۾ مناسب علاج نه پيو ملي ۽ ڊسپرين کانسواءِ ڪا اثرائتي دوا موجود ناهي.
جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته جيل ۾ ته توهان وٽ اک جو به علاج ناهي، دل جو ڪهڙو علاج ڪندئو.
عدالت جيل ۾ طبي سهولتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، جسٽس ملڪ شهزاد پڇاڻو ڪيو ته جوابدار هن وقت ڪهڙي جيل ۾ آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته مردان جيل ۾ آهي.
عدالت مردان ۾ ڪارڊيولاجي اسپتال نه هجڻ سبب پشاور ڪارڊيولاجي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ 9 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.