نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي کاتي ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ امڪاني آمريڪي حملي جي خدشن سبب ڀارتي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
تهران ۾ ڀارتي سفارتخاني طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۾ بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪي ڀارتي شهري هن وقت اتي موجود آهن، اهي دستياب ذريعن سميت ڪمرشل اڏامن ذريعي جلد ايران ڇڏي ڏين.
ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ڪاٿي موجب ايران ۾ عام طور تي لڳ ڀڳ ڏهه هزار ڀارتي شهري موجود هوندا آهن.