”ٻار ماچيس سان کيڏي رهيا هئا، ان دوران باهه لڳي“ ايس ايس پي سٽي جو گل پلازا سانحي بابت جاچ ڪميشن آڏو بيان

ڪراچي (ويب ديسڪ) ايس ايس پي ٽريفڪ اعجاز شيخ گل پلازا سانحي جي جاچ بابت ٺهيل ڪميشن کي بيان ۾ چيو آهي ته اسان ٻارن کي گهرايو ۽ بيان ورتا، انهن ٻڌايو ته هو ماچس سان کيڏي رهيا هئا ته ان دوران باهه لڳي.
ايس ايس پي سٽي ٽريفڪ اعجاز شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گل پلازا سانحي بابت ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته جڏهن هو اتي پهتا ته مين روڊ واري پاسي باهه شدت سان لڳل هئي، باهه بابت ٻڌايو ويو ته اها تيزي سان پکڙجي رهي هئي، ڊي سي آفيس واري سائيڊ باهه گهڻي نه هئي، ماڻهو اتان سامان ڪڍي رهيا هئا.
هن چيو ته ٽنهي پاسن کان پوليس نفري مقرر ڪري ماڻهن کي روڪيو ويو، پر ڏسندي ئي ڏسندي ٽنهي پاسن کي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
اعجاز شيخ جو چوڻ هو ته ٻڌايو ويو ته ٻه ٻار ماچس سان کيڏي رهيا هئا، اسان ٻارن کي گهرايو ۽ انهن جا بيان ورتا، انهن ٻڌايو ته هو کيڏي رهيا هئا، اهي شيون انڪوائري جو حصو آهن.
ايس ايس پي سٽي ڪميشن کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ ٻارن جو ماچس سان کيڏڻ ۽ باهه پڪڙيندڙ شيون هيون، اتي بلينڪٽ، ڪپڙا، گل هئا جيڪي ٽشو مان ٺهندا آهن، اسپري وغيره به هوندا آهن.
ڪميشن چيو ته بيسمينٽ جي سي سي ٽي وي اسان سان شيئر ڪريو، اسان کي ٻڌايو ويو ته باهه کان اڳ دونهون پکڙيو ۽ پوءِ باهه لڳي؟ جنهن تي اعجاز شيخ چيو ته پلازا جي 17 دروازن مان 4 کليل هئا، دروازا کولڻ ايسوسيئيشن جو ڪم هو، اهي دڪاندارن کان پئسا وٺندا آهن، چوڪيدار رکيل آهن، ايسوسيئيشن وارا سڀ کان پهرين چوڪيدارن کي چون ها ته دروازا کوليو.
ايس ايس پي ٽريفڪ جو چوڻ هو ته منهنجو ڪم ماڻهن کي ريسڪيو ڪم واري رستي کان پري رکڻ هو، اندر ڪيترا ماڻهو آهن اسان کي ان جو اندازو نه هو، دروازا کولڻ لاءِ ڪنهن نه چيو، اها ايسوسيئيشن جي ذميواري هئي، عام ڏينهن ۾ رات 10 وڳي گل پلازا جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن، رمضان يا عيد سبب وقت وڌايو ويو هو، ايسوسيئيشن کي انتظام ڪرڻ گهرجن ها.
هن چيو ته امدادي سرگرمين ۾ ڪو مسئلو پيش نه آيو، ريسڪيو جي ڪم ۾ ماڻهن سبب ڪو مسئلو نه ٿيو، هڪ مهينو اڳ گرين لائين جو ڪم شروع ٿيو، گل پلازا جي هڪ پاسي روڊ 12 فٽ ۽ ٻئي پاسي 15 فٽ آهي، اسان وٽ سڄي شهر ۾ 5200 اهلڪارن جي نفري آهي، جڏهن واقعو پيش آيو ته مختلف هنڌن تي نفري موجود هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.