اڳوڻي گهرواري پاران عماد وسيم تي سنگين الزام، ڪرڪيٽر قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم پنهنجي اڳوڻي گهرواري ثانيه اشفاق کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
ايڊووڪيٽ عاليه زرين عباسي موجب، عماد وسيم جي اڳوڻي گهرواري طرفان مڙهيل سمورا الزام بي بنياد آهن ۽ انهن کي مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ميڊيڪل رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته زبردستي ٻار ڪِيرائن واري دعويٰ درست ناهي، ان سلسلي ۾ ثانيه اشفاق کي باضابطا قانوني نوٽيس به موڪليو ويو آهي.
وڪيل موجب، نومبر 2023 ۾ ورلڊڪپ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانگي جو فيصلو مڙس ۽ زال جي گڏيل راضپي سان ڪيو ويو هو، جنهن جي تصديق لاڳاپيل ڊاڪٽر به ڪري سگهن ٿا،
ان کانسواءِ نومبر 2023 ۾ گڏيل عرب امارتن، آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي دورن جو مڪمل رڪارڊ به حاصل ڪيو ويو آهي، جيڪو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
هن چيو ته نومبر 2024 ۾ گڏيل اختلافن سبب ٻنهي وچ ۾ عليحدگي ٿي، ان وقت ثانيه اشفاق ڳورهاري هئي، تنهنڪري ٻار جي پيدائش تائين انتظار ڪيو ويو.
وڪيل وڌيڪ جو چوڻ هو ته ان عرصي دوران به سڀ خرچ عماد وسيم ئي برداشت ڪندو رهيو، جولاءِ 2025 ۾ پٽ جي پيدائش ٿي ۽ هن وقت ٽنهي ٻارن جون سموريون ذميواريون به عماد وسيم ئي ادا ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيه اشفاق اڳوڻي مڙس عماد وسيم جي ڌمڪين واري واٽس ايپ چيٽس به شيئر ڪئي هئي.
اسڪرين شاٽس موجب، جڏهن ثانيا ڳورهاري هئي تڏهن هن عماد وسيم کان درخواست ڪئي ته ٻار جي پيدائش وقت موجود رهي، پر ڪرڪيٽر سخت جواب ڏيندي شرطن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ مبينا طور پوليس ۾ شڪايت جي ڌمڪي ڏني.
ان کان اڳ ثانيا اشفاق هڪ وڊيو پيغام به شيئر ڪيو جنهن ۾ هن عماد وسيم تي ڊسمبر 2023 ۾ ٻار ڪِيرائڻ تي مجبور ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ کيس قاتل قرار ڏنو، هن دعويٰ ڪئي ته وٽس الزامن جا ثبوت پڻ آهن.
هن اسلام آباد يونائيٽڊ کان به درخواست ڪئي هئي ته پنهنجن ظابطن ۽ قدرن تحت ڪرڪيٽر خلاف ڪارروائي ڪن.
ثانيا اشفاق وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کان به اپيل ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪئي وڃي.
واضح رهي ته عماد وسيم ۽ ثانيا اشفاق جي شادي 2019 ۾ ٿي، جڏهن ته ڊسمبر 2025 ۾ طلاق ٿي، عماد وسيم پنهنجي پهرين شادي جي خاتمي کي زندگي جو سڀ کان ڏکيو باب قرار ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.